ساڌنا ڀڳت

ساڌنا، ڀڳت: ڀڳتي تحريڪ جو پرچارڪ ۽ ڀڳت ڪبير جو شاگرد ساڌنا، سيوهڻ، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. هي ڪاسائي هو. ساڌنا، نامديو نالي ڀڳتي تحريڪ جي اهم ڀڳت جو همعصر هو. سندس زماني ۾ هند سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ عروج تي هئي ۽ ماڻهن ۾ پريم ۽ انسان دوستيءَ جو پرچار ڪيو پئي ويو. ساڌنا کي ننڍي هوندي کان ئي ڪاسائڪو ڌنڌو ورثي ۾ مليو هو. جيئن ئي هوش سنڀاليائين ته سماجي ابترين، ذات پات ۽ مذهبي ڀيدڀاوَ سندس ذهن کي جھنجھوڙيو. هن نوجوانيءَ ۾ پنهنجو آبائي ڌنڌو ترڪ ڪري، ڀڳت بڻجي ماڻهن ۾ پريم منشا جي پرچار کي ترجيح ڏني. سنڌ ۾ اڪثر هنڌن تي ڀڳتي تحريڪ جي اصولن ۽ نظريي کي خوب پکيڙيائين. سندس تعليمات ۾ پنڊتن، پروهتن، مولوين ۽ ٻين مذهبي ڀيد ڀاؤ پکيڙيندڙن خلاف ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو نقطو خاص شامل هو، جنهن جو بنيادي مقصد خداشناسي ۽ خودشناسي هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو